بيدوا 2

بيدوا-2 (Bedwa-II): بيدوا جو ڳوٺ ميهام (هندستان) کان 13 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي ۽ بيدوا ماڳ ''02'2076 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ''00'1429 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي، ڳوٺ بيدوا کان ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي 350 ميٽر جي مفاصلي تي دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. ماڳ هڪ واريءَ جي دڙي ۾ پوريل هو. مقامي ڳوٺاڻن کي واريءَ جي دڙن جي کوٽائي ڪندي هي کنڊر هٿ آيو. هي ماڳ هڙاپا قبرستان(H. Cemetry) سان مشابهت رکي ٿو. ڊاڪٽر موهن ڪمار جي لکڻ موجب هي قبرستان سنڌو تهذيب جي پوئين دور (Late Harappan Period) يا پوئين اوج واري دور سان واسطو رکي ٿو. واريءَ کي هٽائڻ کانپوءِ قبرون مليون، جيڪي چڱي حالت ۾ هيون. قبر ۾ مڙدا اتر-ڏکڻ پوريل هئا. يعني سندن مٿا اتر طرف ۽ پير ڏکڻ طرف ٿيل هئا. مڙدي جي ڀرسان ٺڪر جا ڪي ٿانون به پيل مليا، جن ۾ مختلف نمونن جا چار عدد پيالا، هڪ ڳنائين ٿالهي، جنهن کي هيٺان وڏو ڳن-ترو ڏنل هو، هڪ لوٽو وغيره. مٿين ٿانون کانسواءِ هڪ بنا ڪَني جي پاٽوڙو، سوراخن وارو ٿانو، ننڍڙيون ٿالهيون وغيره به مليون آهن. سمورو ملندڙ ٺڪر بغير چٽن جي آهي، پر تمام ٿورو چٽيل ٺڪر به مليو آهي. چٽ گهڻو ڪري ڪاري رنگ جو، پٽو جيڪو مختلف ٿولهه ويڪر جو آهي. اهو پٽو گهڻو ڪري ٿانون جي ڳچيءَ وٽ نڪتل آهي، ڪو پٽو ٿانو جي بت تي به ملي ٿو جيڪو لهريدار آهي. بنا ڪنن جي اهڙو ٿانو به ملي ٿو جنهن تي گل، ٻوٽا ۽ مور پکي چٽيل آهن. اهو دکيءَ نموني جو ٿانءُ آهي، جنهن ۾ هڏا ۽ ڇار پيل هئي. اهڙي قسم جا خاڪدان هڙاپا جي قبرستان مان به مليا آهن. اندازو آهي ته، ان وقت هتان جا رهاڪو مڙدن کي پوريندا به هئا ته ساڙيندا به هئا. اهڙي قسم جا آثار به ملن ٿا ته مڙدي کي پورڻ کان اڳ ڪي رسمون به ادا ڪندا هئا. جن مڙدن کي ساڙيندا هئا، تن جي خاڪ ۽ هڏا اهڙي ٺڪر جي خاڪدان ۾ وجهي خاڪدان پوري ڇڏيندا هئا.
هتان ملندڙ ٺڪراٺو توڙي جو پوئين سنڌو تهذيب جي دور جو آهي، پر ڪو ڪو ٺڪر اهڙو به ملي ٿو جنهن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته پڪي سنڌوءَ (Mature Period) دور ۾ به هي ماڳ وسندڙ هو. ڇو ته ڳنايون ٿالهيون ۽ سوراخدار ٿانو جيڪي پڪي دور ۾ پوڄا پاٺ لاءِ استعمال ٿيندا هئا، سي هتان به مليا آهن. ان لاءِ هن کي پڪي سنڌو واري دور جو پويون دور چئي سگهجي ٿو. هن ماڳ کي ڊاڪٽر موهن ڪمار 2005ع ۾ ڳولي لڌو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو